بجار پوٽا

بجار پوٽا: هيءَ سنڌ ۽ ڪڇ جي جتن جي هڪ اوڙڪ آهي. بجار پوٽن جو وڏيرو پاڻ کي ’بجار خان‘ جي لقب سان سڏائيندو آهي. هن کي ڪڇ جي گاديءَ جي هنڌ لکپت ۾ جاگيرون مليل هيون. ان کان سواءِ ’کاري ڇاڻ‘ ۾ به هن جون زمينون هونديون هيون. سرحد بند ٿيڻ کان پوءِ هنن ڪڇ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو